White
سر زمين عشق
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جيتوڻيڪ اوهان تمام ڪامياب شخصيت ڇو نه هجو
اوهان وٽ لفظن جو ذخيرو ڇو نه هجي
علم جون سوين سندون ڇو نه هجن
جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي چھري مان
سندس ضرورت محسوس نٿا ڪري سگهو
جيڪڏهن اوهان پيار ڏيندڙ شخص جو قدر نٿا ڪري سگهو
جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي ڏنل وقت کي اهميت نٿا ڏيئي سگهو اوهان ان ماڻھون جو اتساھ نٿا بڻجي سگهو
جنهن جي لاء اوهان سندس دنيا آھيو
ته اوهان واقعي فريبي دنيا جي لالچي ماڻھن جا مستحق آھيو
اوهان واقعي احساسن سان خالي شخص جي مستحق آھيو
اوهان واقعي فقط تنهائي ۽ دنيا جي ڪاميابي جا مستحق آھيو
(۽ اوهان جو قلب عشق جي سر زمين کان محروم آھي)
شازيا لاکياڻي
©Shazia Lakhiyani