جڏھن کان تو مونکي نھارڻ ڇڏيو
مون به پاڻ کي آ سنوارڻ ڇڏيو
غمن ۾ ملي وئي راحت اھڙي
خوشين پويان پچارڻ ڇڏيو
جِت راتيون رلياسين رولاڪ ٿي
تن راھن تان مون پسارڻ ڇڏيو
عشق جي اھڙي آ عجب بندگي!!
مسجد ، مندر سڀ پوڄارڻ ڇڏيو
سجدا ڪيم سونھن کي ساھ ساڻ
خدا کي ، خدا چئي سنڀارڻ ڇڏيو
ڏس لوڪ لڄايو سنڌوءَ ڪيڏو!
تو سواءِ ھن جيون گذارڻ ڇڏيو
سنڌو آرواڻي